متحده عوام کي صحت ۽ تعليم ڏئي خودمختيار ڪرڻ چاهي ٿي، خواجا اظهار الحسن

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن ۽ فاروق ستار  چيو آهي ته متحده عوام کي صحت ۽ تعليم ڏئي خودمختيار ڪرڻ چاهي ٿي.

ڪراچي ۾ سوڀراج اسپتال جي دوري دوران خواجه اظهار الحسن چيو ته ڪي فور منصوبي کي تبديل ڪرڻ بنا افتتاح ڪيو ويو.

هن چيو ته بجيٽ ۾ پاڻي کوٽ جي خاتمي لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي.

خواجه اظهار الحسن چيو ته اسيمبلي ۾ هنن احتجاج ان لاءِ  نه ڪيو ته هو پنجن منٽن ۾ بجيٽ جي ڪاپي نه پيا پڙهي سگهن.

هن چيو ته صوبائي وزير نثار کهڙي کين ڳالهين جي دعوت ڏني آهي.

متحدا اڳواڻ چيو ته موجوده بجيٽ به گذريل بجيٽ جي ڪاپي ڪئي وئي آهي.

ان موقعي تي  فاروق ستار چيو ته پاڪستاني قوم تعليم يافته ٿي وڃي ته سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته خدمت خلق فائونڊيشن معاشري کي صحتمند بڻائڻ جو جو عزم ڪيو آهي.

فاروق ستار چيو ته هو قائد اعظم جي خواب جي تعبير ڪري رهيا آهن.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو چوڻ هو ته هو پاڪستان جي ماڻهن کي مضبوط ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*