جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي ۾ گهڻيون شيون سامهون اچي چڪيون آهن، شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  40 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز تي فارم 15 گم هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ڪميشن 22 ريٽرننگ آفيسرز کي طلب ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي ۾ گهڻيون شيون سامهون اچي چڪيون آهن.

هن چيو ته تحريڪ انصاف سمورا ثبوت انڪوائري ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ ثابت ٿي ويو آهي ته 40 سيڪڙو پولنگز تان فارم 15 گم هئا.

هن چيو ته انڪوائري ڪميشن 22 تڪن جي ريٽرننگ آفيسرز کي طلب ڪيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾شاهه محمود قريشي چيو ته نادرا مٿان حڪومت جو دٻاءُ آهي، سرڪاري دٻاءَ تحت ئي سپليمينٽري رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*