تحريڪ انصاف ڪميشن آڏو ڌانڌلين بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، دانيال عزيز

نون ليگ اڳواڻن دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف انڪوائري ڪميشن آڏو ڌانڌلين بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، عمران خان ڌانڌلين جا الزام مڙهڻ بدران ڪميشن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏي.

اسلام آباد ۾ انڪوائري ڪميشن آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي نون ليگ اڳواڻن دانيا عزيز ۽ طلال چوڌري چيو ته عام چونڊون 95 سيڪڙو شفاف ٿيون، اليڪشن ڪميشن فارم پندرنهن به ڪميشن وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته تحريڪ انصاف جو وڪيل حفيظ پيرزادو ڪميشن آڏو مبينا ڌانڌلين بابت جوڳا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو.

ن ليگ اڳواڻن چيو ته رڳو 12 تڪن جو مسئلو آهي، منظم ڌانڌلي ڪئين ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ جا الزام حقيقتن جي ابتڙ آهن.

دانيا عزيز ۽ طلال چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جو وڪيل حفيظ پيرزادو انڪوائري ڪميشن آڏو بهتر جواب نه ڏئي سگهيو، عمران خان ڌانڌلين جا الزام مڙهڻ بدران ڪميشن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*