نيب سنڌ لائينز ايريا ري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سميت پنج ڪامورن کي گرفتار ڪري ورتو

نيب سنڌ لائينز ايريا ري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سميت پنج ڪامورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار ڪيل ڪامورن تي الزام آهي ته هنن چائنا ڪٽنگ وسيلي 1200 کان وڌيڪ پلاٽ مختلف مافيائن کي وڪرو ڪري چار ارب رپين کان وڌيڪ رقم هڙپ ڪئي، نه رڳو اهو ته رقم هڙپ ڪئي وئي پر اها رقم نيب موجب دهشتگردي لاءِ به استعمال ٿي.

گرفتار ٿيلن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر عطا عباس، ڊپٽي ڊائريڪٽر فريد نسيم، راشد نسيم، شاهد عمر ۽ ٻيا شامل آهن.

لائينز ايريا ري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گرفتار ڪيل  ڪامورن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*