ڪراچي جي احتساب عدالت ڪمرشل ڪنٽينرز چوري ڪيس جي 12 وڌيڪ ريفرينسز ۾ 100 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪمرشل ڪنٽينرز چوري ڪيس جي 12 وڌيڪ ريفرينسز ۾ 100 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت اڳوڻي چيف جسٽس، افتخار چوڌري جي حڪم تي نيٽو ڪنٽينرز چوري ٿيڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي ته ڪجهه ڪمرشل ڪنٽينرز چوري ٿيڻ جون به شڪايتون سامهون، جنهن جي آڌار تي 12 ريفرنس داخل ڪيا ويا.

ريفرينسز ۾ ڪسٽم آفيسرز، ڪليئرنگ ايجنٽس ۽ بارڊر ايجنٽس کي جوابدار ڄاڻايو ويو هو.

جوابدارن عدالت کي ٻڌايو ته هنن جيڪي به ڪنٽينرز ڪليئر ڪيا، انهن جي افغانستان ۾ رسائي جا تصديقي ليٽرز به کين ملي ويا.

عدالت ثبوت نه ملڻ تي 12 ريفرنسز ۾ 100 کان وڌيڪ جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*