سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي اڳوڻي چيف سيڪريٽري کي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي سربراهه سبحان ميمڻ ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري غلام علي پاشا کي زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صادق ڀٽي جي سربراهي ۾ بئچ سبحان ميمڻ ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري غلام علي پاشا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته کين 9 جون وارين اخبارن ذريعي پتو پيو آهي ته، نيب چيئرمين 1992 ۾ زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ سندن گرفتاري جي منظوري ڏني آهي.
ٻنهي ڪامورن جي وڪيل شاهد حيات دليل ڏيندي چيو ته سبحان ميمڻ ۽ غلام علي پاشا جو زمينن جي الاٽمينٽ سان ڪوبه واسطو نه رهيو آهي.
نيب کي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي سربراهه سبحان ميمڻ ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري غلام علي پاشا کي زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت ٻنهي ڪامورن خلاف رڪارڊ 29 جون تي پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.