موجوده حڪومت پوليو جو خاتمو نٿي آڻي سگهي ان مان لوڊشيڊنگ خاتمي جي اميد ڪيئن رکون شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت ، پوليو جو خاتمو نٿي آڻي سگهي، ان مان لوڊشيدنگ جي خاتمي جي ڪيئن اميد ڪري سگهجي ٿي، موجوده اليڪشن غير جمهوري آهي، ان حوالي سان اڄ يا سڀاڻي فيصلو اچي ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته سندس خلاف پروپئگينڊا ڪئي پئي وڃي ته هـُو  وڳوڙن واري سياست ڪري رهيو آهي، پر هن موجوده نظام کي باهه ڏيڻ واري ڳالهه  حڪومتي نظام مان مايوس ٿيڻ بعد ڪئي آهي.

هن چيو ته اهڙي جمهوري نظام کان مايوس ٿي چڪا آهيون، جنهن جو ناڻي وارو وزير مني لانڊرنگ جو بيان ڏئي چڪو هجي.

شيخ رشيد، الزام هنيو ته حڪمران وقت جي دهشتگردن سان اڪثر ملندو رهندا آهن، پرويز رشيد، نواز شريف کان پڇي ته دهشتگرد ڪير آهي.؟

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ڊي چوڪ تي پر امن احتجاج جاري آهي، جيڪو موجوده جمهوري نظام جي خاتمي تائين جاري رهندو.

شيخ رشيد چيو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي جون دعوائون ڪري رهي آهي، چار سئو 80 ارب رپيا ادائگيون ڪرڻ باوجود بجلي بحران حل ناهي ٿي سگهيو، جيڪا حڪومت پوليو جو خاتمو نٿي آڻي سگهي، اها لوڊشيڊنگ ڪيئن ختم ڪندي.

شيخ رشيد وضاحت ڪئي ته هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي حوالي سان هڪ بيان ڏنو هو، جنهن تي سخت تنقيد ڪئي وئي پر هن بلو راني پيار ۾ سڏيو هو، ان کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*