پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن ڪمانڊرز سميت 24 ڄڻن سبي هيڊڪوارٽر ۾ سڪيورٽي فورسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

 پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن ڪمانڊرز سميت 24 ڄڻن سبي هيڊڪوارٽر ۾ سڪيورٽي فورسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ ريپلبڪن گارڊ جي ٻن فراري ڪمانڊرز ڪريم خان ۽ اختيار سميت 24 ڄڻن سڪيورٽي فورسز جي سبي هيڊڪوارٽر پهچي هٿيار ڦٽا ڪيا.

هٿيار ڦٽا ڪندڙن چيو ته هو هاڻي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا.

ڪمانڊٽ ايف سي هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*