سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن جي گمشدگي بابت درخواست تي آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن جي گمشدگي بابت درخواست تي ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن ڀائرن سجاد، عمران ۽ محمد فرحان جي گمشدگي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ۾ درخواستگذارن جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ ٻن ڀائرن سجاد ۽ عمران جي گمشدگي بابت گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 25 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت گلزار هجري مان گرفتار ڪيل محمد فرحان جي گمشدگي بابت ڌرين کان 2 جولاءِ تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*