سينيٽ اجلاس ۾ اي اين پي خيبرپختونخواه جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪري ڇڏيو

سينيٽ اجلاس ۾ عوامي نيشنل پارٽي، خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽر الياس بلور جو چوڻ آهي ته ڌانڌلي جو گوڙ ڪندڙن ڌانڌلي ڪرائي، ميان افتخار کي هٿڪڙيون لڳايون ويون ۽ پي ٽي آءِ جو وزير آزاد گهمي رهيو هو.

سينيٽ جو اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر احمد حسن جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر الياس بلور، خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو.

سينيٽر الياس بلور چيو ته ڌانڌلين جو گوڙ ڪندڙ پي ٽي آءِ وارن پاڻ مڪاني چونڊن دوران وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪرائي وئي، چار پارٽيون تبديل ڪري وڏو وزير ٿيندڙ پرويز خٽڪ تي به ڌانڌلي ثابت ٿي آهي.

الياس بلور چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي 100 سيڪڙو سياسي آهي، ميان افتخار کي جهڙي طرح ڦاسايو ويو، ان جو مثال ڪٿي نٿو ملي.

الياس بلور چيو ته ميان افتخار کي هٿڪڙيون لڳايون ويون ۽ پي ٽي آءِ جو وزير گهمندو رهيو، ميان افتخار سان پيش ڪيل سلوڪ جي مذمت ڪيون ٿا.

بين الصوبائي رابطن واري وزير رياض پيرزادي چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران امن امان جي صورتحال جي ذميواري صوبائي حڪومت جي هئي.

رياض پيرزادي چيو ته اليڪشن ڪميشن مطابق 363 پولنگ اسٽيشنز تي ڌانڌلي ڪئي وئي، ريٽرننگ آفيسرز کي 3 ڏينهن تربيت ڏني وئي ان باوجود به مڪاني چونڊن دوران بدنظمي سامهون آئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*