شهري رينجرز ۽ پوليس جهڙيون گاڏيون استعمال نه ڪن برگيڊيئر خرم

رينجرز ڪراچي  جي ناظم آباد واري علائقي مان هڪ نجي اسپتال ٻاهران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي طرز جهڙيون 2 گاڏيون هٿ  ڪري ورتيون آهن، رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر خرم جو چوڻ آهي ته شهري رينجرز ۽ پوليس جهڙيون گاڏيون استعمال نه ڪن.

سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر خرم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ناظم آباد ۾ ڪارروائي ڪري هڪ ڊاڪٽر جي استعمال هيٺ رينجرز ۽ پوليس جهڙيون ٻه گاڏيون هٿ ڪيون آهن، جيڪي سيڪيورٽي لاءِ استعمال ڪيون پئي ويون.

سيڪٽر ڪمانڊر شهرين کي اپيل ڪندي  چيو ته خرم جو چوڻ آهي ته شهري رينجرز ۽ پوليس جي گاڏين جهڙيون گاڏيون استعمال نه ڪن.

هن چيو ته گاڏين مان پوليس۽ رينجرز جون ورديون به هٿ آيون آهن ۽ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*