بلوچستان ۾ ڀارت دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، پرويز مشرف

اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف چيو آهي ته پاڪستان ميانمار نه پر ايٽمي طاقت آهي،ان ڪري ڀارت ڪا به ڪاروائي ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، نريندر مودي ان هندو انتهاپسند تنظيم جو ميمبر آهي، جنهن سمجهوتا سانحي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.

ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو ته نريندر مودي هڪ طرف پاڪستاني وزيراعظم کي دعوت ڏئي ٿو ٻي طرف پاڪستان خلاف بيان ڏئي ٿو.

هن چيو نريندر مودي ڍاڪا ۾ وڃي جيڪو ڪجهه ڪيو،اهو ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قبولڻ جوڳو ناهي، ڀارتي وزيراعظم پاڻ امن ڳالهين کي ڏکيو بڻائي رهيو آهي.

پرويز مشرف چيو ته ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن کي گڏ ويهڻ گهرجي، ان حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي، جيڪڏهن اڳرائي ڪئي وئي ته ڀارت کي سمجهڻ گهرجي پاڪستان ميانمار نه پر ايٽمي ملڪ آهي.

اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته ڀارت، افغانستان ۾ داخل ٿي افغانستان کي غير سمتحڪم ڪيو، ڀارت کي افغانستان مان پراڪسي وار کي ختم ڪرڻو پوندو،جڏهن ته ان حوالي سان اسان وٽ را جي ايجنٽن کي افغانستان مان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ جا ثبوت موجود آهن.

پرويز مشرف جو چوڻ هو ته نريندر مودي لاءِ بهتر هوندو ته اهو افغانستان مان مداخلت ختم ڪري، ڇو ته افغانستان ۾ موجودگي جو جواز ناهي ۽ پاڪستان کي اڳوڻي افغان صدر حامد ڪرزئي تي اعتماد نه آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز مشرف چيو ته بلوچستان ۾ ڀارت دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، بال ٺاڪري سمجهوتا ايڪسپريس سانحي جو ذميوار آهي ۽ ڀارتي حڪومت جو پاليسيون به مسلمانن خلاف آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*