ايم ڪيو ايم کي مک مرڻ بابت بيان تي غلط مطلب نه وٺڻ گهرجي، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف، ڪراچي ۾ مـَک مرڻ بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته مـَک مـَرڻ جي ڳالهه هن نه پر ڪنهن ٻئي شروع ڪئي هئي، ايم ڪيو ايم کي غلط  مطلب نه وٺڻ گهرجي.

 قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي جي دوري دوران گورنر سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته شهر ۾ ٿيندڙ هڙتالن جو نوٽيس ورتو وڃي، اميد آهي ته ايم ڪيو ايم وارا سندس وضاحت مان مطئمن ٿيا هوندا.

هن چيو ته گورنر سنڌ به ڪراچي ۾ مک مرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم مطئمن نه ٿي آهي ته متحده وارن سان ملاقات دوران معاملي تي ڳالهايو ويندو.

ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي جي پاڻي واري منصوبي لاءِ سنڌ حڪومت کي شروعاتي طور تي ڪي فور منصوبي لاءِ اڍائي ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن، گڏيل طور تي 10 ارب رپيا ڏنا ويندا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي فور منصوبي لاءِ جيتري رقم رکندي،  وفاقي حڪومت پاران به اوتري رقم ڏني ويندي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪري چڪا آهيون، گرين لائين منصوبي لاءِ به سمورا فنڊ وفاق فراهم ڪندو ۽ ڪراچي جي 50 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ وفاق  پاران ڏني ويندي.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد موٽروي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو ٻن سالن اندر مڪمل ٿي ويندو، ڪراچي لاهور موتروي منصوبي کي مدت کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي خواهش آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*