دنيا جي سڀ کان وڏي بينڪ ايڇ ايس بي سي 10 سيڪڙو نوڪريون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي بينڪ ايڇ ايس بي سي 10 سيڪڙو نوڪريون ختم ڪرڻ جو  اعلان ڪيو آهي، جنهن سان 25 هزار ملازم بيروزگار ٿي ويندا.

بئنڪ جي اعلان ۾ چيو آهي ته اهڙو قدم وڌندڙ خرچن تي ضابطي لاءِ ڪيو ويو آهي، برطانيه سان تعلق رکندڙ 8 هزار ملازمن کي پهرين مرحلي ۾ فارغ ڪيو ويندو.

بئنڪ پاران مختلف ملڪن ۾ 25 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ واري قدم سان مجموعي طور 2 لک 66 هزار ملازمن مان 10 سيڪڙو  بي روزگار ٿي ويندا.

يورپ ۾ هيڊ آفيس رکندڙ بينڪ جون هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شاخون آهن، ايشيا ۽ آمريڪا جي ڪيترين ئي بئنڪس جو هن بئنڪ سان الحاق ٿيل آهي.

بينڪ هن پاليسي تحت برازيل ۽ ترڪي ۾ پنهنجون شاخون پڻ بند ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*