جيستائين ڪرپشن ڪندڙ هاءِ پروفائل ماڻهن کي نه پڪڙيو ويندو، تيستائين شفاف چونڊون ممڪن نه آهن، اياز لطيف پليجو

نوازليگ جي ميزباني هيٺ اي پي سي ۾ سنڌ اندر مڪاني چونڊون هڪ ئي مرحلي ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود سنڌ سرڪار مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش پئي ڪري.

ڪراچي ۾ ن ليگ جي ميزباني هيٺ اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سيد جلال محمود شاهه، اياز لطيف پليجي، نصرت سحر عباسي، مظفر شاهه ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

اي پي سي کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ اسماعيل راهو چيو ته حڪومت مڪاني ادارن جي تڪبنديون پنهنجي فائدي کي نظر ۾ رکيو ڪيون آهن.

هن چيو ته مڪاني ادارن جي نئين تڪبندين کي هو نه ٿا مڃين.

اياز لطيف پليجي جو چوڻ هو ته جيستائين ڪرپشن ڪندڙ هاءِ پروفائل ماڻهن کي نه پڪڙيو ويندو  تيستائين شفاف چونڊون ممڪن نه آهن.

هن چيو ته پرويز مشرف به پنهنجي دور ۾ ٻهراڙين ۾ اقتدار من پسندن وڏيرن حوالي ڪيو جڏهن ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ به  اختيار مخصوص ماڻهن حوالي ڪيا ويا.

اياز لطيف پليجي چيو ته قاسم آباد جي   لک آبادي کي اڍائي لک آبادي ظاهر ڪيو ويو آهي.

قومي عوامي تحريڪ جي صدر جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت زيادتيون ڪري رهي آهي پر وفاق خاموش آهي ، صوبن کان ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي.

اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته 65 سالن کان پوءِ وفاق صوبن کي خودمختيار ڪيو پر مڪاني ادارا اڃا خودمختيار نه ٿيا آهن.

هن چيو ته سنڌ جا سمورا شهر کنڊر بڻيل آهن ۽ ٽي ايم اوز ڪروڙين روپين جا فنڊ هڙپ ڪري رهيا آهن.

سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته  سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون کان ڀڄڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته مڪاني چونڊن جي تڪبندين ۾ هيرا ڦيري ڪئي وئي آهي ۽ حڪمرانن مرضي موجب، تڪ ٺاهيا آهن.

اي پي سي کي پ پ جي نجمي عالم، ايس ٽي پي جي حميد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*