سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن پاران سزا ٻڌايل جوابدارن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ، فوجي عدالتن پاران سزا ٻڌايل جوابدارن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي.

 چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل ڪورٽ بينچ 18 هين ۽ 21 هين ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي  ڪئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان فوجي عدالتن جي قيام بابت درخواستن تي دليل ڏيندي چيو ته 21 هين ترميم تحت قانونسازي ڪري عدالتن کي هيٺانهون ڏيکاريو ويو آهي.

حامد خان چيو ته دهشتگردن جو ٽرائل عام ڪورٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جنهن تي جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته قبائلي علائقن ۾ ڪارروايون ٿين پيون ۽ دهشتگرد به پڪڙجن پيا، انهن خلاف ڪهڙي عدالت ۾ ڪارروائي هلڻ گهرجي.؟

وڪيل حامد خان چيو ته شفاف ٽرائل سڀني جو بنيادي حق آهي، ان کان اکيون پوريون نٿيون سگهجن، عالمي معاهدن تحت ڪا به ڪارروائي ڳجهي نٿي هلائي سگهجي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته فوجداري نظام خراب آهي، اهو ڏسڻو آهي ته فوجداري نظام ڇو خراب ٿيو.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو ته نظام کي درست ڪرڻ بدران آئين کان ڪو به قدم قبول نه هوندو، حالتون ڪهڙيون به هجن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي.

عدالت، فوجي عدالتن پاران سزا ٻڌايل جوابدارن جو رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*