سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ متحده ۽ پي ٽي آءِ سنڌ بجيٽ تي سخت تنقيد ڪندي سمورين تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو

متحدا ۽ پي ٽي آءِ سنڌ بجيٽ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سندن سمورين تجويزن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران بجيٽ بحث  ۾ حصو وٺندي پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي چيو ته سندن تجويزن کي به بجيٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي جنهن سان عوام ۾ مايوسي پکيڙيل آهي.

متحده جي محمد حسين چيو ته گذريل سال ۽ هلندڙ سال سندن سمورين  تجويزن کي شامل نه ڪيو ويو ۽ شهري علائقن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويو آهي.

محمد حسين ناڻي واري وزير کي چئلنج ڪندي چيو ته ڪراچي لاءِ 49 نه پر 18 ارب روپين جو اسڪيمون رکيون ويون آهن.

محمد حسين خواجه آصف جي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته وفاقي وزير  معافي وٺي کيس اهڙي ٻولي نه ڳالهائڻ گهرجي.

متحده جي خالد حسين ، صابر قائمخاني ۽ ٻين ميمبرن به ترقياتي اسڪيمون نه ملڻ جو  شڪايتون ڪندي چيو ته اسڪولن ۽ اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي.

پي ٽي آءِ جي حفيظ الدين به شهرن  ۽ ٻهراڙين کي نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪندي چيو ته واٽر بورڊ ۽ ٻين ادارن جي حالت خراب آهي.

بجيٽ تي بحث جاري هو ته اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*