پارٽي جي ٽربيونل جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ مان پي ٽي آءِ ۾ آمريت نظر اچي رهي آهي، پرويز رشيد

ســـــــُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پارٽي جي ٽربيونل جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ مان پي ٽي آءِ ۾ آمريت نظر اچي رهي آهي، وجيهه الدين جي فيصلن تي عمل ڪرڻ عمران خان لاءِ وڏو امتحان آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان اليڪشن ٽربيونل پاڻ قائم ڪيو ۽ هاڻي ان جي فيصلن  تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري پيو.

هن چيو ته عمران خان پارٽي جي ٽربيونل کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڪپتان هميشه ٽربيونل جي رپورٽ جي ان حصي کي تسليم ڪيو آهي، جنهن مان کيس فائدو مليو آهي.

پرويز رشيد چيو ته هاڻي عمران خان آڏو امتحان آهي ته اهو جسٽس ريٽائرڊ وجيهه الدين جي فيصلن تي ڪيئن ٿو عمل ڪري.

پرويز رشيد چيو ته پارٽي ٽربيونل جي فيصلن تي عمل نه ڪرڻ مان تحريڪ انصاف اندر آمريت نظر اچي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*