راولپنڊي ۾ هڪ گهر کي باهه لڳڻ دوران عورتن ۽ ٻارڙن سميت هڪ ئي خاندان جا 7 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا

راولپنڊي ۾ هڪ گهر کي باهه لڳڻ دوران عورتن ۽ ٻارڙن سميت هڪ ئي خاندان جا 7 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا، پوليس جو چوڻ باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته لاش  80 سيڪڙو سڙي چڪا آهن.

راولپنڊي جي اسڪيم ٿري واري علائقي ۾ رضا پلازه جي هڪ گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 7 ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا.

فوتين ۾ زال مڙس ۽ سندن 5 ٻارڙا شامل آهن، جن ٻارڙن جو پيءُ شوڪت، عائشه، عثمان، حسن ۽ عمر شامل آهن.

فوتين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ بينظير ڀٽو اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب لاش 80 سيڪڙو سڙي چڪا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، لاش 80 سيڪڙو سڙي چڪا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

فوتين جي وارثن الزام لڳايو آهي ته باهه ذاتي دشمني سبب لڳائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*