پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ورجايو آهي بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي سرتاج عزيز

پرڏيهي کاتي، وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز جي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ورجايو آهي، دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 پريهي ترجمان تسنيم اسلم پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب،  سرتاج عزيز پاران بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ تاريخ پسمنظر جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.

ترجمان موجب، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي، آپريشن ضرب عضب دوران دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

تسنيم اسلم جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جنهن کي عالمي برادري پڻ تسليم ڪري چڪي آهي.

ياد رهي ته وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار سرتاج عزيز بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته جيڪي دهشتگرد پاڪستان خلاف ناهن، انهن خلاف اسان ڪارروائي ڇو ڪيون،  دهشتگرد آمريڪا جي دشمني ۾ اسان جا دشمن ٿي ويا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*