پنجاب جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا ٻڌايل 7 قيدين کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو

پنجاب جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا ٻڌايل 7 قيدين کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو، گجرات ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه سبب هڪ قيديءَ جي ڦاهيءَ تي عملدرآمد روڪيو ويو.

فيصل آباد سينٽرل جيل ۾ ٽن قيدين کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، جوابدارن سليم ۽ راشد 1998 ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته نبيل احمد 2000 ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي هئي.

ساهيوال سيٽرل جيل ۾ ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني وئي، جوابدارن قيصر ۽ فياض 04-2003ع ۾ هڪ هڪ شخص کي قتل ڪيو هو.

گجرات ڊسٽرڪٽ جيل ۾ جوابدار محمد اقبال کي ڦاهي ڏني وئي، جوابدار 1995ع ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو هو.

ميانوالي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ جوابدار اسلم کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو.

گجرات ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ڌرين وچ ۾ ٺاهه سبب قيدي غلام رسول جي ڦاهيءَ تي عملدرآمد روڪيو ويو.

قومي ايڪشن پلان تحت هن وقت تائين ڏيڍ سئو کان وڌيڪ قيدين کي سوليءَ تي ٽنگيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*