اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 25 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران تحريڪ طالبان جي ٽن اهم ڪمانڊرز سميت 25 دهشتگرد مارجي ويا.

ذريعن موجب شوال تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي وئي.

ذريعن موجب ڪارروائي دوران 25 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جا ٽَي اهم ڪمانڊر امير الله، فتح الله ۽ ياسين  شامل آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*