پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ بلاول هائوس اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي

پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ بلاول هائوس اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي.

 آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال تي ويچاريو ويندو.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ بلاول هائوس اسلام آباد ۾ٿي رهيو آهي، جنهن ۾  سِي اِي سِي جي ميمبرن سيمت پارٽيءَ جا ٻيا سينئر اڳواڻ به شريڪ ٿيندا.

پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا.

پارٽي ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال سميت پارٽي معاملن  تي به ويچاريو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*