ترڪي جو اڳوڻو صدر ۽ وزير اعظم سليمان ڊيمرل 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ترڪي جو اڳوڻو صدر ۽ وزير اعظم سليمان ڊيمرل 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

سليمان ڊيمرل ترڪي جي مقامي وقت موجب صبح جو 2 لڳي 5 منٽن تي انقره جي گئان اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

انقره اسپتال جي ذريعن موجب سليمان ڊيمرل دل جي دوري سبب وفات ڪئي.

سليمان ڊيمرل ترڪيءَ جو پنج ڀيرا وزير اعظم ۽ 1993 کان 2000ع تائين صدر رهيو، ان عرصي دوران ٻه ڀيرا فوج سندس اقتدار جو خاتمو آندو.

ڊيمرل جو خيال هو ته 1960 ۽ 1970 واري ڏهاڪي ۾ سندس حڪومتن کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته انهن جي نتيجي ۾ ترڪي جي معيشت ۽ معاشرو تبديل ٿيو ۽ زرعي ملڪ کي صنعتي ملڪ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ سندس حڪومتن ترڪ ماڻهن جي زندگي واري معيار کي بلند ڪيو.

سليمان ڊيمرل پنهنجي سياسي ڪيرئر جي شروعات 1960 ۾ فوجي بغاوت جي نتيجي ۾ عدنان مينڊرس جي حڪومت جي خاتمي جي نتيجي ۾ ڪئي.

عدنان مينڊرس ۽ سندس ڪابينا جي ٻن ميمبرن کي ڦاهي چاڙهيو ويو، جڏهن ته سندن پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي سياست کان روڪيو ويو، جنهن جي ڪري ملڪي سياست ۾ خال پيدا ٿيو.

سليمان ڊيمرل انهي خال جو فائدو وٺي سياست ۾ پير پاتو ۽ چاليهه ورهين جي ڄمار ۾ جسٽس پارٽي جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو 1965 ۾ وزير اعظم چونڊيو ويو، جنهن کانپوءِ هو ملڪ جو پنج ڀيرا وزيراعظم ۽ 1993 کان 2000 تائين صدر رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*