جان ڪيري وزير اعظم نواز شريف سان رابطو ڪري اين جي اوز خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري وزير اعظم نواز شريف سان رابطو ڪري غير رجسٽرڊ پرڏيهي اين جي اوز خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري وزير اعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

جان ڪيري وزير اعظم نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته “ســـيو دي چلڊرين” جون بند پيل سموريون آفيسن ٻيهر کولڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ذريعن موجب، ٻنهي اڳواڻن ۾ رابطي دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري وزير اعظم تي زور ڀريو ته پرڏيهي اين جي اوز خلاف ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سيودي چلڊرين آمريڪي اين جي اوز آهي، جيڪا ڊگهي عرصي کان سي آءِ اي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

واضح رهي ته آمريڪا،  القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي نشاندهي لاءِ به انهيءَ تنظيم جو سهارو ورتو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*