مدئجي ويجهو گذريل ڏينهن پٽڙي تان لهي ويل بولان ايڪسپريس ۽ متاثڙ ٿيل ريلوي ٽريڪ جو بحالي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو

مدئجي ويجهو گذريل ڏينهن دادو ڪئنال کي لڳل گهاري بعد پٽڙي تان لهي ويل بولان ايڪسپريس ۽ متاثر ٿيل ريلوي ٽريڪ جي بحالي وارو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته آبپاشي کاتي ڪينال کي لڳل گهارو بند ڪيو ويو آهي.

دادو ڪينال کي آر ڊي 96 وٽان 50 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ بولان ايڪسپريس جون ست بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون ۽ چار بوگوليون پٽڙي تان لهڻ  سبب بولان ميل جا 7 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا هئا ، 6 بوگيون ڪلٽي ٿيڻ سبب 8 مسافر زخمي ٿي پيا هئا .

مديجي ويجهو ڳوٺ الهداداڻي وٽ دادو ڪينال کي آر ڊي 96 وٽان 50 فوٽ گهارو 12 ڪلاڪن بعد بند ڪيو ويو آهي، گهاري سبب پاني هيٺ آيل ريلوي پٽڙي جو مرمتي ڪم شروع ناهي ٿي سگهيو.

چيف انجينيئر رائيٽ بئنڪ سکر بئراج نذير مهر جو چوڻ آهي ته دودو ڪئنال کي لڳل گهارو دهشتگردي جو واقعو به ٿي سگهي ٿو، ان بابت ڪمشنر لاڙڪاڻي کي اهڙي آگاهي ڏني وئي آهي.

ڊي ايس ريلوي فرخ تيمور، ايس پي ريلوي محمد عتيق، ڊي سي شڪارپور هادي بخش زرداري، شڪارپور جو اڳوڻو ضلعي ناظم عارف مهر  واقعي واري هنڌ پهچي مسافرن لاءِ ماني جو بندو بست ڪيو.

ڊي ايس ريلوي فرخ تيمور جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جو ڪو امڪان ناهي، گهارو آپباشي کاتي جي نا اهلي سبب لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.

هن چيو ته آبپاشي عملدارن گهاري جو اطلاع به نه ڏنو، پر انهن گهارو بند ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ نه ورتا جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي ٽريڪ متاثر ٿيو.

ٻي طرف سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه ايگزيڪيوٽو انجينيئر اعجاز لغاري ۽ سب انجينيئر ظفر ابڙو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

سيڪريٽري آبپاشي معاملي جي جاچ لاءِ چيف انجينيئر سکر بئراج نذير مهر جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي به جوڙي ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*