سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتا آهن.

ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

گلشن اقبال ۽ نادرن چورنگي وٽان کنڀي گم ڪيل ٻن ڄڻن نظام الدين ۽ خالد زمان جي بازيابي لاءِ  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 2 جولاءِ تائين جواب طلب ڪيو ويو.

پوليس اهلڪارن عدالت ۾ ٻڌايو ته سائيٽ واري علائقي مان گم ٿي ويل يوسف خان سوات ۾ فوجي حراستي مرڪز ۾ آهي.

عدالت پوليس جو بيان ٻڌڻ کان پوءِ ڪي پي ڪي حڪومت کان ست جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

گلستان جوهر مان گم ٿي ويل علي اسد ۽ سيد قمر بابت جواب طلب ڪرڻ لاءِ  رينجرز کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.

شاهراهه فيصل واري علائقي مان گم ٿيل ويل ارسلان بابت رينجرز کان  6 جولاءِ تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*