رحمان ملڪ جي ڳجهن ادارن پاران سياستدانن جي فون رڪارڊنگ واري بيان تي بحث لاءِ پيش ڪيل رٿ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏي

سينيٽ ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي ڳجهن ادارن پاران سياستدانن جي فون رڪارڊنگ واري بيان تي بحث لاءِ پيش ڪيل رٿ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏي آهن،جڏهن ته پ پ پاران ايوان ۾ اسلام آباد اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت بل پيش نه ڪرڻ تي به رٿ پيش ڪئي وئي.

سينيٽ جو اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر طاهر مشهدي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس جي شروعات ۾ پيپلزپارٽي جي نئين چونڊيل سينيٽر شيري رحمان حلف کڻي ويو.

ايوان ۾ ن ليگ جي سينيٽر چوڌري تنوير پاران اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پاران سياستدانن جي بيانن جا فون ٽيپ ڪرڻ واري بيان تي بحث لاءِ ايوان ۾ رٿ پيش ڪئي.

سينيٽر چوڌري تنوير چيو ته فون ٽيپ ڪرڻ جي حوالي سان کين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، هن معاملي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

گهرو معاملن واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو ته هي رحمان ملڪ جو ذاتي بيان آهي، ملڪ ۾ ايجنسيون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، ان ڪري هن رٿ کي بحث لاءِ منظور نه ڪيو وڃي.

حڪومت جي مخالفت بعد ايوان رٿ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ايوان ۾ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون بابت بل پيش نه ڪرڻ ۽ سينيٽ کي باءِ پاس ڪرڻ خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪئي وئي.

پ پ جي سينيٽر سعيد غني چيو ته گهرو وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿي ته ايوان ۾ سڀ گونگا ويٺل آهن، ڪو به قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندو آهي ته پوءِ سينيٽ ۾ به پيش ٿيندو آهي.

سعيد غني چيو ته سينيٽ هن بل کي ڪميٽي ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ منظور ئي ناهي ٿيو ته اليڪشن ڪميشن شيڊول ڪيئن اعلان ڪيو؟.

پ پ سينيٽر سعيد غني جو چوڻ هو ته قانون جي مسودي جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون ويون آهن،  جنهن سان سينيٽ جا اختيار مجروع ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*