پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي نگراني ۽ سياسي ڌرين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي نگراني ۽ سياسي ڌرين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو.

سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب، پاڪ-چين اقتصادي منصوبي جي نگراني ۽ خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽ جي 23 رڪني خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سينير ڊاڪٽر عائشه فاروق، چوڌري تنوير، نهال هاشمي، تاج حيدر، ڊاڪٽر ڪريم خواجه، سينيٽر سيد مظفر شاهه ۽ سينيٽر ميان عقيق شامل آهن.

سينيٽر مير ڪبير، سينيٽر عثمان ڪاڪڙ، جهانزيب جمال، هدايت الله، سيف الله مگسي، نعمان وزير، سراج الحق، اقبال ظفر جهڳڙا، عثمان سيف الله ۽ سعيد مندوخيل به ڪميٽيءَ جو حصو هوندا.

ڪميٽي اقتصادي راهداري منصوبي جي نگراني ڪندي ۽ سياسي پارٽين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*