جيڪڏهن پ پ خلاف انتقامي ڪارروائي ٿئي پئي ته اها بند ٿيڻ گهرجي، شاهه محمود قريشي

تـَحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي آصف زرداري جي تقرير تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته قومي سلامتي وارن ادارن بابت اهڙي قسم جا بيان مناسب نه آهن، ڊي جي رينجرز پاران فهرست ۾ ڏنل 24 ڄڻن جا نالا پڌرا ڪيا وڃن، جيڪڏهن پ پ خلاف انتقامي ڪارروائي ٿئي پئي ته اها بند ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو بيان حيرت ڪندڙ آهي، مسئلو ڌمڪين سان نه پر ڳالهين ذريعي حل ٿيندو.

هن چيو ته سياسي پارٽين خلاف انتقامي نه ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن پ پ خلاف ڪارروائي ٿئي پئي ته آصف علي زرداري کي ٻڌو وڃي پر قومي سلامتي جي ادارن تي اهڙي قسم جي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي.

 تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته لڳي رهيو آهي ته آصف علي زرداري انتقامي ڪاررواين تي ڳالهايو آهي پر پيپلزپارٽي پاران فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي ۽ ڊڪٽيٽر کي رخصت ڪيو.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪرپٽ سياستدانن ملي ڀڳت ذريعي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڊي جي رينجرز پنهنجي رپورٽ ۾ جن 24 شخصيتن جا نالا ٻڌايا آهن، اهي پڌرا ڪيا وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل آهن، اهڙي صورتحال ۾ سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*