جوهي ويجهو ڇنڊڻ واهه ۾ وهنجندي 3 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا

جوهي ويجهو ڇنڊڻ واهه ۾ وهنجندي 3 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، جن جا لاش ڳوٺاڻن واهه ۾ ڪڍي گهر پهچايا ته ڪهرام مچي ويو.

ڳوٺ ڪريم ڏنو جمالي وٽ 8 ورهين جي شگفتا، 6 ورهين جي سپنا ۽ 12 ورهين جو عمران جمالي ڇنڊڻ واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويا.

ڳوٺاڻن ڪجهه دير جي ڳولا کانپوءِ لاش ڪڍي تعقلي اسپتال پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٽئي ٻارڙا ڳوٺ ٻاهران مال چاري رهيا هئا، جيڪي گرمي سبب ڇنڊڻ واهه ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا ته ٻڏي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*