سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم کي وفاقي وزير خواجه آصف جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن طرفان سنڌ بجيٽ تي سخت تنقيد ڪئي وئي، ميمبرن جو چوڻ هو ته ترقياتي اسڪيمن ۾ نظر انداز ڪيو ويو ۽ ٻڌايو وڃي ته جاري ڪيل رقمون ڪيڏانهن ويون.

اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب جي شهيد  جوانن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.

ايم ڪيو ايم کي وفاقي وزير خواجه آصف جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته بجيٽ  تي بحث لاءِ پنج ڏينهن مقرر ڪيا آهن تنهنڪري ٺهراءُ پيش نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن تي متحده ميمبر محمد حسين چيو ته اسپيڪر جي اختيار ۾ رولز تبديل ڪرڻ آهي، تنهنڪري رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

بجيٽ تي بحث دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن رانا انصار چيو ته هنن مهينو اڳ اسڪيمن جو چيو هو پر سندن علائقن کي نظر انداز ڪيو ويو.

هنن چيو ته سنڌ جي تعليم لاءِ رقم رکي وئي پر خبر ناهي اهي اسڪيمون ڪاڏي ويون.

متحدا ميمبر جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 6 هزار هڪ سئو 40 اسڪول اهڙا آهن جيڪي عمارت ۽ فرنيچر کان بغير هلي رهيا آهن.

هن چيو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ ذريعي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ويون، پر ٻڌايو وڃي ته احتجاج ڪندڙ ملازمن جو ڇا ٿيو.

پ پ جي نصرت سلطانه بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته عوام کي تحفظ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ رينجرز لاءِ وڏي رقم ڏئي وئي.

هن چيو ته تعليم لاءِ نثار کهڙو وڏي جدوجهد ڪئي آهي، جڏهن کين ميرپورخاص ۾ هڪ وڌيڪ ڪاليج ڏني وڃي.

فنڪشنل ليگ جي مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته مراد علي شاهه کي بجيٽ تقرير سنڌيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي ها.

هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي نه ڳالهائي وئي ته ڇا گلگت بلتستان جي اسيمبلي ۾ سنڌي ڳالهائي ويندي؟

هن چيو ته مراد علي شاهه جي بجيٽ تقرير پرڏيهي ايجنسين لاءِ هئي تنهنڪري هن سنڌ ڳالهائڻ جي زحمت نه ڪئي.

پ پ جي طاهره شهلياڻي جو چوڻ هو ته پوليس جي ڀرتين ۾ قدم جو شرط نه رکيو وڃي صلاحيتن کي ڏٺو وڃي.

ايم ڪيو ايم جي هير سوهو جو چوڻ هو ته بجيٽ رڳو نمبرن جي گيم آهي، آبادگارن سان، ڪڻڪ ، سارين ۽ ڪمند سميت هر شعبي ۾ ناانصافي ڪئي ويندي آهي.

هير سوهو جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم شهري علائقن مان ڪاميابي ماڻيندي آهي، پر اها پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا مسئلا ايوان ۾ کڻي اچي ٿي پر ٻڌايو وڃي ته پ پ بدين، سانگهڙ ۽  ٻين علائقن جي ماڻهن جا مسئلا ڇو نه ٿي ٻڌائي.

ايم ڪيو ايم جي جمال احمد جو چوڻ هو ته مڪاني ادارن جي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي پئي ٿئي ۽ کين پگهارون وقت تي نه پيون ملن.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪا وڏي زيادتي آهي.

پ پ جي غزاله سيال جو چوڻ هو ته وفاق رڳو ساڍا ست هزار پگهار وڌائي ملازمن سان ظلم ڪيو آهي، سنڌ ۾ 10 سيڪڙو پگهارون وڌايون ويون.

هن چيو ته تعليم کاتي ۾ ساڍا 13 هزار غيرقانوني ڀرتين جي جاچ ڪرائي  وئي ۽ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي.

غزاله سيال جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪيون ويون.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي وسيم قريشي شهلا رضا جي اوچتو سيٽ تبديل ٿيڻ تي آغا سراج دراني کي ميڊم چئي ويٺو جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

آغا سراج دراني ايم ڪيو ايم ميمبر سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪا ڳالهه نه برقعو هن وٽ به آهي.

اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*