قومي ٽيم کي مخالف ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ۽ ڪمار سنگڪارا کي جلد آئوٽ ڪرڻو پوندو، شعيب محمد

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ماضي جي  سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر شعيب محمد چيو آهي ته قومي ٽيم کي مخالف ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ۽ ڪمارسنگڪارا کي جلدي آئوٽ ڪرڻو پوندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي اوپنر ۽ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر شعيب محمد چيو ته پاڪستان جي موجوده ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي.

هن چيوته مهيلا جي ورڌني جي نه هجڻ سبب ميزبان ٽيم مٿان دٻاءِ هوندو،جنهن جو پورو فائدو حاصل ڪرڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته زمبابوي جي دوري بعد قومي ٽيم جي سمورن رانديگرن جا حوصلا گهڻا بلند ٿيا آهن،جنهن جو فائدو قومي ٽيم کي دوري ۾ ٿيندو.

شعيب محمد وڌيڪ چيو ته سري لنڪن ٽيم جي ڪمار سنگاڪارا ۽ اينجلو ميٿيوز کي جلدي آئوٽ ڪرڻو پوندو،جنهن بعد ٽيم جي ڪاميابي جو امڪان وڌيڪ ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*