آرمي خلاف بيان بازي سان عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن کي فائدو ٿيندو، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف،ا ڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي ۾ پاڪ فوج اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي نازڪ مرحلي ۾ فوج تي تنقيد مناسب ناهي، آرمي خلاف بيان بازي سان عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن کي فائدو ٿيندو.

 اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي سياسي مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گذريل ڏينهن واري تقرير کانپوءِ واري صورتحال تي غور ڪيو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب نازڪ مرحلي تي پهچي چڪو آهي، موجوده صورتحال ۾ فوج خلاف بيان بازي کان پاسو ڪيو وڃي.

هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ پاڪ فوج اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، فوج کي سموري قوم جي حمايت حاصل آهي.

وزيراعظم چيو ته آپريشن ضرب عضب نازڪ مرحلي تي پهچي چڪو آهي، اهڙي حالتن ۾ پاڪ فوج مٿان تنقيد مناسب ناهي.

وزيراعظم نواز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ سياسي قيادت ۾ ڀائيچاري جمهوريت کي مضبوط ڪيو آهي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ به سياسي ۽ فوجي قيادت گڏجي قومي حدف طئي ڪيا هئا، اهڙي قسم جي جذبي کي جاري رکڻ گهرجي.

وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ پاڪ فوج مٿان تنقيد ڪرڻ سان عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن کي فائدو ملندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*