پيپلزپارٽي رينجرز جي رپورٽ تي سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو

پيپلزپارٽي، رينجرز  جي رپورٽ تي سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته رينجرز کي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گهرايو ويو هو، حڪومتي ٻڌائي ته ترقياتي ڪمن ۽ بلڊنگ ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي رينجرز جي ڪارروائي اختيارَ اورانگهڻ ناهي؟ .

سينيٽ جو اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر سينيٽر طاهر مشهدي جي صدارت هيٺ ٿيو.، جنهن ۾ ڊي جي رينجرز پاران اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل رپورٽ تي بحث ڪيو ويو.

ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر رينجرز جي رپورٽ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائيندي چيو ته ڇا اهو درست ناهي ته رينجرز کي آئين جي آرٽيڪل هڪ سئو 47 تحت ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گهرايو ويو هو؟.

فرحت الله بابر سوال اٿاريو ته ترقياتي ڪمن ۽ بلڊنگ ڪوڊ جي ڀڃڪڙي وارن معاملن تي رينجرز جي ڪارروائي اخيتارن کان اورانگهڻ ناهي، ڇا ايراني تيل جي اسمگلنگ، ڀتي خوري ۽ ڪرپشن وارا معاملا رينجرز جي اختيارن ۾ اچن ٿا.؟

فرحت الله بابر ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ اهو به سوال اٿاريو ته ڪجهه سڪيورٽي ادارن سنڌ حڪومت کان زمين گهري هئي، ڇا رينجرز جي ڪارروائي جو ان معاملي سان ڪو واسطو آهي، آخر ڪهڙو ڪارڻ آهي جو رينجرز کي اختيار نه هئڻ باوجود ڊي جي رينجرز بيان جاري ڪري پيو.

فرحت الله بابت چيو ته پهريان سول ۽ سياسي قيادت جون ڳالهيون ڳجهه ڳوهه ۾ ٿينديون هيون پر هاڻي پردو کڄي ويو آهي

ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو ته ڪراچي آپريشن جو ڪپتان وڏو وزير آهي، رينجرز کي ڪراچي ۾ صوبائي حڪومت جي درخواست تي گهرايو ويو آهي.

بليغ الرحمان چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي، اهو چوڻ غلط آهي ته وفاق مداخلت ڪري پيو، ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن کانپوءِ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ وزيراعظم به حالتون بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته سينيٽ چيئرمين اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*