انسيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو ۾ ناليواري شاعر حسن درس جي ڪارنر جو افتتاح ڪيو ويو

انسيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو ۾ ناليواري شاعر حسن درس جي ڪارنر جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ مقررين چيو ته ڪارنر قائم ڪرڻ جو مقصد سنڌ ۾ نئين نسل کي پنهنجي دور جي شاعرن ۽ اديبن بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي.

انسيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ناليواري شاعر حسن درس جو ڪارنر قائم ڪيو ويو،  جنهن جو سنڌ الاجي جي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي افتتاح ڪيو.

تقريب ۾حسن درس جي بيواهه ارم محبوب، آرٽس فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر جاويد اقبال، سوشل سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ کانسواءِ  ناميارن اديبن تاج جويو، نصير مرزا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سعيد منگي جو چوڻ هو ته حسن درس ڪارنر قائم ڪرڻ جو مقصد سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي دور جي شاعرن ۽ اديبن بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*