وزير اعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ رٿيل ملاقات ملتوي ٿي وئي

وزير اعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ رٿيل ملاقات ملتوي ٿي وئي آهي، نواز ليگ ذريعن چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف آصف علي زرداري سان ملاقات کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

وزير اعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ رٿيل ملاقات بنا ڪنهن سبب جي اوچتو ملتوي ڪئي وئي آهي.

نواز ليگ ذريعن موجب، وزير اعظم نواز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات کان معذرت ڪئي آهي.

سينيٽر فرحت الله بابر تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ رٿيل اڄوڪي ملاقات ملتوي ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاڪ فوج تي تنقيد ڪرڻ سان گڏ ڪجهه خدشا ظاهر ڪيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*