اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، سهيل انور سيال

سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته پ پ سرڪار بزنس ڪميونٽي کي اهميت ڏي ٿي ، واپارين جي مسئلا حل ڪرڻ جي کيس ذميواري ملي آهي.

ڪراچي جي فيڊريشن هائوس ۾ واپارين سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي سهيل سيال چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي وڏو آهي کين اميد آهي ته ڪا به فيڪٽري بند نه ٿيندي.

هن چيو ته جيڪڏهن واپارين ۽ شهرين جو سهڪار جاري رهيو ته هو امن امان سميت سمورن مسئلن تي ڪنٽرول ڪري وٺندا.

گهرو وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم، ڦر لٽ ۽ ٻين واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ پارٽي قيادت کيس ذميواريون سونپيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*