قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن محمد علي سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

دادو ۾ قتل ڪيل قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن محمد علي سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪارڪنن ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڪراچي پريس ڪلب آڏو قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مظهر راهوجو ۽ شهربانو راهوجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ چيو ته بااثر ماڻهن محمد علي سمون کي قتل ڪرايو ، ڪيس داخل ٿيل هئڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري .

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته محمد علي سمون جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*