سوات ۾ گهرو تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري عورت سميت ٻــن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

 سوات ۾ گهرو تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري عورت سميت ٻــن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سوات ڪبل جي علائقي ڊٺــــــــــــــــارا ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مقامي اسپتال پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

واقعي کانپوءِ پوليس پهچي جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*