لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مقبول باجوا ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪندي درخواست واپس چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي ته ايان علي پاران سندس وڪيل لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو.

لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته ايان علي مٿان مني لانڊرنگ جا الزام بي بنياد آهن، ماڊل کي جتان گرفتار ڪيو ويو، اهو هنڌ مسافرن جي دائري ۾ نٿو اچي.

لطيف کوسا چيو ته ايان علي نه ئي بورڊنگ ڪارڊ ورتو ۽ نه ئي سندس پاسپورٽ جي چيڪنگ وارو مرحلو ٿيو، ان ڪري عدالت کي استدعا آهي ته ايان علي جي ضمانت منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جسٽس مقبول باجوه تي مشتمل سنگل بينچ، درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪندي معاملو واپس چيف جسٽس منظور ملڪ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

جسٽس مقبول باجوه سفارش ڪئي آهي ته ڪسٽم ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس عبدالسميع تي ٻڌل اپيليٽ بينچ قائم آهي، ان ڪري هيءَ درخواست ان بينچ ڏانهن موڪلي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*