پيپلزپارٽي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بابت آصف زرداريءَ جي بيان کي پارٽي پاليسي قرار ڏئي ڇڏيو

پيپلزپارٽي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بابت آصف زرداريءَ جي بيان کي پارٽي پاليسي قرار ڏئي ڇڏيو، فرحت الله بابر چيو آهي ته آصف زرداري جي فلاسافي مفاهمت آهي، جيڪا جاري رهندي، احمد مختار چيو آهي ته اوهان وڙهڻ چاهيو ٿا ته اسان به ويڙهه لاءِ تيار آهيون، بيان واپس نه وٺنداسين.

پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، قائم علي شاهه، احمد مختار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ آصف زرداريءَ جي گذريل ڏينهن ڪيل تقرير، گلگت بلتستان جي چونڊن سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ آصف زرداريءَ جي بيان کي پارٽي پاليسي قرار ڏنو ويو.

پيپلزپارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندو، باقي ڪهڙي تڪ تي چونڊ وڙهندو، اهو فيصلو هو پاڻ ڪندو.

اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پارٽيءَ جي نئين سر تنظيم سازي لاءِ سڄي ملڪ جا دورا ڪندو.

اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي آصف زرداري جي ترجمان فرحت الله بابر چيو ته آصف زرداري جي پاليسي مفاهمت واري آهي، اها پاليسي اڳتي به جاري رهندي.

 پ پ اڳواڻ احمد مختار چيو ته آصف زرداريءَ جو بيان پارٽيءَ جي پاليسي آهي جيڪو واپس نه وٺنداسين.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪير وڙهڻ چاهي ٿو ته اسان به ويڙهه لاءِ تيار آهيون ۽ ماضيءَ ۾ به اهڙي ويڙهه ٿيندي رهي آهي، پ پ ڪڏهن به ڊني ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*