اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيو دي چلڊرن کي ٻيهر پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پرڏيهي اين جي او سيو دي چلڊرن کي ٻيهر پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ پرڏيهي اين جي او سيو دي چلڊرن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار طارق اسد ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته سيو دي چلڊرن پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو آهي.

جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت کي اين جي او بابت قانوني نقطن کان آگاهه ڪيو وڃي.

درخواستگذار چيو ته سيو دي چلڊرن اين جي او نالي تي ملڪي خلاف ڪم ڪري پئي، اسامه بن لادن خلاف آپريشن به ان اين جي او ئي ڪرايو، ان ڪري  غير سرڪاري تنظيم کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت، درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*