کوسڪي ويجهو هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

کوسڪي ويجهو هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته پيرڳوٺ ويجهو هڪ ناري کي اغوا ڪيو ويو.

 کوسڪي شگر مل ڪالوني واسي شگر ملز جو ڪين مئنجر حاتم شر، محمد علي ۽ امان الله شر چوهڙ جمالي کان شادي تان واپس موٽي رهيا هئا ته کين سجاول قومي شاهرهه تان اغوا ڪيو ويو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  مغوين جي ڪار ٽنڊي الهيار مان هٿ ڪئي.

مغوين جي وارثن موجب،ٽنهي ڄڻن سان رات 11 وڳي کان سندن رابطو ڪٽجي ويو هو.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ جاچ پڙتال شروع ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف پيرڳوٺ ويجهو ڳوٺ هٿياربند ڳوٺ رينگل شاهه مان ناري عفت کي مبينا اغوا ڪري ويا.

واقعي کان پوءِ مغوي ناري جي وارثن احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو.

آخري اطلاعن تائين اغوا جي ٻنهي واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*