ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ سڀاڻي پهريون روزو هوندو

سعودي عرب، نار سميت ڪي پي ڪي، فاٽا ۽ وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ اڄ پهريون روزو آهي، جڏهن ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ سڀاڻي پهريون روزو هوندو.

 سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، اردن ۽ ٻين ملڪن ۾ اڄ پهريون روزو آهي.

پاڪستان ۾ گذريل رات ڪٿي به چنڊ نظر نه اچڻ سبب سڀاڻي پهريون روزو هوندو، جڏهن ته پشاور جي  مسجد قاسم علي خان جي مفتي شهاب الدين پوپلزئي پاران چنڊ نظر اچڻ جي دعويٰ کانپوءِ ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن، ڦاٽا ۽ وزيرستان جي ڪجهه علائقن ۾ اڄ پهريون روزو رکيو ويو آهي.

سڀاڻي پهريون روزو هئڻ سبب سموري ملڪ  ۾ اڄ رات تراويح نماز پڙهي ويندي.

رمضان جي آمد سبب يوٽيلٽي اسٽورز تي اڄ کان رمضان  پئڪيج تحت داليون، گيهه، کنڊ ۽ ٻيون شيون سستي اگهه تي ملي سگهنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*