ڪراچي ۾ رينجرز سني تحريڪ جي مرڪز تي ڇاپو هڻي 15 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ۾ رينجرز سني تحريڪ جي مرڪز تي ڇاپو هڻي جهڙتي کانپوءِ 15 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، ثروت اعجاز قادري آفيس تي ڇاپي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته رينجرز سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويو، رينجرز پڇاڳاڇا بعد بيگناهه ماڻهن کي ڇڏڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

گارڊن واري علائقي ۾ رينجرز معين پلازه ۾ واقع سني تحريڪ جي آفيس سميت مختلف فلورز تي سرچ آپريشن ڪيو.

رينجرز جي ڪارروائي دوران  سني تحريڪ جو سربراهه ثروت اعجاز قادري به پنهنجي پارٽي جي آفيس ۾ موجود هو.

رينجرز ڪارروائي دوران 15 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

ثروت اعجاز قادري جو چوڻ آهي ته رينجرز جي ڇاپي دوران ڀرپور تعاون ڪيو ويو.

سني تحريڪ جي ترجمان شاهد غوري جو چوڻ آهي ته  پي ايس ٽي جي 4 عهديدارن سميت ڪجهه ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

سني تحريڪ جي ترجمان موجب رينجرز خاطري ڪرائي آهي ته پڇاڳاڇا بعد حراست ۾ ورتل ماڻهن  کي ڇڏيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*