ورلڊ بئنڪ پاڻي کوٽ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ سميت مختلف معاملن ۾ سنڌ سرڪار کي سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

ورلڊ بئنڪ پاڻي کوٽ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ سميت مختلف معاملن ۾ سنڌ سرڪار کي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

ڪراچي ۾ ورلڊ بئنڪ جي وفد حارث خان ۽ جعفر سروڪ پريا جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ادارن وچ ۾ رابطا تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ورلڊ بئنڪ جي وفد جو چوڻ هو ته پاڻي زيان کي روڪڻ ۽ انفرا اسٽڪچر مئنيجمنٽ فلڊ پراڊڪشن جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي ڪم ڪرڻ گهرجي.

ورلڊ بئنڪ جي وفد جو چوڻ هو ته سکر بئراج جي پڻ امپرومنٽ ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ هو سنڌ سرڪار سان سهڪار ڪندا.

ان موقعي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي سامونڊي پٽي وارو شهر آهي تنهنڪري ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

هن چيو ته واٽر اينڊ سيوريج واري مسئلي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار جي ضرورت آهي.

ورلڊ بئنڪ جو وفد چيف سيڪريٽري سان ٻيهر 29 جون تي ملاقات ڪندو.

ملاقات دوران اسپيشل سيڪريٽري محمد وسيم، پلاننگ سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*