دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي ايئر پورٽ تي حملي ڪيس ۾گرفتار 3 جوابدارن کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ايئر پورٽ حملي ڪيس جي 3 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت آصف ظهير سميت 3 جوابدان کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ٻڌڻي دوران جاچ پوليس پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته ايئر پورٽ حملي ڪيس جي هڪ جوابدار ماسٽر عيسيٰ کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*