وزير اعظم نواز شريف آصف زرداري سان ملاقات نه ڪرڻ وارو مناسب فيصلو ڪيو آهي، راڻا ثناءُ الله

پنجاب جَي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان ملاقات نه ڪرڻ وارو مناسب فيصلو ڪيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻاثناءُ الله چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سياسي ڀائيچاري ۾ مثبت ڪردار ادا نه ڪيو، کيس قومي ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪ فوج سميت قومي ادارن تي تنقيد ڪرڻ سان شرپسندن کي فائدو ٿيندو.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته ڌرڻن سبب پاڪستان کي نقصان پهتو، عوام کي گمراهه ڪندڙ هاڻي ڳولي نه پيا لڀن.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته وزير اعظم آصف زرداري سان ملاقات کان انڪار ڪري مثبت فيصلو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*