ملير جيل مان 113 ڀارتي مهاڻن کي خير سگالي جي جذبي تحت آزاد ڪيو ويو

ملير جيل مان 113 ڀارتي مهاڻن کي خير سگالي جي جذبي تحت آزاد ڪيو ويو، جن کي سڀاڻي واگها بارڊر ذريعي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

وزيراعظم نوازشريف پاران ڀارتي هم منصب نريندر مودي سان ڪيل خيرسگالي واري جذبي جي اظهار موجب 113 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو.

  ڀارتي مهاڻن کي جيل سپرينٽنڊنٽ محمد حسن سهتي طرفان اجرڪن جا تحفظ پڻ ڏنا ويا.

113 ڀارتي مهاڻن کي ٽرين ذريعي لاهور  منتقل ڪيو ويو جتان کين واگها بارڊر ذريعي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ڀارتي جيلن ۾ ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جا ڪيترائي مهاڻا قيد آهن جن کي خير سگالي جذبي تحت اڃا تائين آزاد نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*